اسان پنهنجي هن زندگي ۾ ڪيترائي اهڙا انسان ڏٺا آهن، جيڪي انتهائي بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي هن سماج جي ٺاهيل ريتن، رسمن، رواجن جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي ماڻهن جي نفرتن، محتبن، سازشن، غلامين، محتاجن جي اڳيان بيوس هوندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي پنهنجن ئي اصولن جي ڄار ۾ ڦاٿل هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي پنهنجن جي سورن جا ستايل هوندا آهن، هڪڙا اهي مسڪين جيڪي اميرن جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي امير جيڪي خواهشن جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي موت جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي جيئڻ لاءِ بيوس هوندا آهن پر جيءَ نه سگهندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي پنهنجي جسم ۾ موجود ڪنهن ڪمزوري يا معذوري جي اڳيان انتهائي لاچار، بيوس هوندا آهن. اهي معذوري جي ڪري هلڻ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار هوندا آهن، پنهنجي انهي معذوري جي سبب اهي ٻين جي اڳيان محتاج هوندا آهن، اهي معذور مسڪين ايترا ته بيوس هوندا آهن جو اهي ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهن، اهي انتهائي بيوسي، لاچاري، واري حالت ۾ صرف پنهنجي بک کي ختم ڪرڻ لاءِ روڊن، رستن تي ريڙهيون پائيندا وتندا آهن، سخت گرمي هجي يا سردي ڏينهن رات دانهون ڪندا وتندا، حسرتن ڀريل نگاهن سان ڏسندا رهندا آهن، هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجي محرومي، بيوسي، لاچاري جو احساس ڏياريندا آهن، ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي بيوس ڏٺو آهي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ اٿو ۽ وڃي روڊن رستن تي انهن بيوس ماڻهن کي ڏسو، ڏسو، انهن جي بيوسي، ڏسو انهن جي لاچاري، ڏسو انهن جي مجبوري، ڏسو انهن جي معصوم اکين ۾، جنهن ۾ سوين سوال هوندا آهن، جن جا ڪي جواب نه هوندا آهن، انهن معصوم اکين ۾ ڪي ئي خواب سجايل هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن به پورا نه ٿيندا آهن، اهي اکيون جيڪي بيوسي جي عالم ۾ هر وقت گم هونديون آهن، جن جون ننڊون ڦٽل هونديون آهن، جيڪي پنهنجي بيوسي تي ڏينهن رات روئڻ جي سبب ڪري سڄيل هونديون آهن، جن جون پنبڻيون آليون هونديون آهن، ڇا توهان ڪڏهن اهڙين اکين کي ڏٺو آهي؟ آخر انهن ۾ ايتري بيوسي ڇو ٿيندي آهي، ڇو انسان ايترو مجبور ٿيندو آهي؟ آخر اها ڪهڙي مجبوري هوندي آهي، جو انسان غلط ڪمن ڏانهن ويندا آهن، گناهن جي رستن تي هلندا آهن، جيڪي ڏوهن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندا آهن، آخر ڪهڙي بيوسي ڇانيل هوندي آهي. ”هڪ بيوسي اها هوندي آهي، جڏهن ڪنهن انسان جي هڪ معمولي اڻپوري خواهش ڪنهن به قيمت تي، ڪنهن به صورت ۾ پوري نه ٿئي. انهي خواهش لاءِ چرين وانگر هر ڪنهن جي اڳيان التجا ڪندو رهي ٿو.“ پر هر ڪنهن کان انڪار ئي انڪار ٻڌڻ ۾ اچن، جنهن جا دروازا بند هجن، ٻي اها بيوسي جيڪي انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي، جيڪا هر انسان جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا اڄڪلهه جي هن مهانگائي واري دور ۾ هر ڪنهن لاءِ مسئلو بڻيل آهي، جيڪا اميرن، غريبن لاءِ هڪجهڙي هوندي آهي، پر غريبن لاءِ انتهائي عذاب ڏيندڙ، کائيندڙ هوندي آهي، جيڪا انهن غريبن جي اندر کي ائين کائيندي آهي، جيئن اڏوهي ڪنهن ڪاٺ کي کائيندي ڀورا ڀور ڪندي آهي، اها ٻي ڪا به نه بلڪه اها ”بک“ آهي، جيڪا انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي، اهو غريب، مسڪين ٻار جيڪو هڪ غريب گهر ۾ جنم وٺي ٿو. ان غريب معصوم ٻار جو غريب گهر ۾ پيدا ٿيڻ ئي وڏي بيوسي هوندي آهي، هڪ وڏي خطا، هڪ وڏو گناهه هوندو آهي، اهو معصوم مسڪين ٻار جنهن جو ”ڪارڙو رنگ، ميرو جسم، بدن تي ڦٽل چتيون لڳل ڪپڙا، وکريل وار، بغير چپل جي پير، خالي پيٽ“ هجي. جيڪو ڪيترين ئي ڏينهن کان بکيو هجي، جنهن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هجي، اهو معصوم ويٺو انتظار ڪري ته ڄاڻ بابا ماني وٺي ايندو، ان جي اکين ۾ انتظاري جو عالم هوندو آهي پر افسوس! جڏهن اهو بيوس ٿي خالي هٿين موٽي ايندو آهي ته پوءِ ان معصوم جي اکين ۾ اداسي جي لهر ڇانئجي ويندي آهي، آخرڪار اهو پاڻ مجبور ٿي ڪري روڊن، رستن، گهٽين، گلين ۾ هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجا معصوم نازڪ، ڪمزور، ننڍڙا هٿڙا ٻين جي اڳيان ڦهلائي خرات وٺندا آهن، در در تي وڃي ماني جي ٽڪر جي صدا هڻندا آهن، ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگيندا آهن. سڄو ڏينهن پنهنجو اداس، مرجهايل چهرو کڻي رستن تي پيو ڦرندو آهي، جنهن جو گلو خشڪ ٿي ويندو آهي، جنهن مان آواز به نه نڪري سگهندو آهي، پر پوءِ به بک جي شدت ان جي اندر کي کائيندي رهندي آهي، جيڪا ان کي سڪون سان رهڻ نه ڏيندي آهي ۽ هو پوءِ به زور زور سان رڙيون ڪري هڪ هڪ جي اڳيان پنهنجي بيوسي جو داستان ٻڌائيندو آهي، دانهون ڪندو آهي، صدا هڻندو آهي ته ”آهي ڪو جيڪو مون مسڪين غريب کي ماني ٽڪر ڏئي ته جيئن مان پنهنجي بک کي ماريان، پر جڏهن ان کي ڪٿان به ڪجهه نه ملندو آهي صرف ماڻهن جي بي رخي، ڌڪا ٿاٻا، نفرت ملندي آهي، ماڻهن جون ڇڙٻون ملنديون آهن، جيڪو مسڪين ٻار گرم رستن تي، تتل اس ۾ پنهنجا پير ساڙيندو وتي پر ان کي هڪ سڪو ٽڪر به نه ملي ۽ ان جي بک اڃ جي شدت وڌندي ويندي آهي ته ان وقت هو ايترو ته بيوس هوندو آهي جو، ”نه بک کي ماري سگهندو آهي ۽ نه پاڻ کي.“ جڏهن هو هر طرف کان مايوس ٿي ويندو آهي، بلڪل لاچار، بيوس ٿي ويندو آهي، تڏهن ان جون اکيون بلڪل ان ڌرتي جيان ٿي وينديون آهن، جيڪا ڌرتي پاڻي جي بغير ڏرا ڏئي ويندي آهي، جيڪا پاڻي لاءِ پياسي هوندي آهي، ائين اهي اکيون خشڪ سمنڊ جيان ڏار ڏئي وينديون آهن، ان معصوم جا ماءُ پيءُ ان کي پالي نه سگهندا آهن، ان جي بک کي ختم نه ڪري سگهندا آهن، اهي پنهنجي اولاد کي ان بيوس حال ۾ نه ڏسي سگهندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪنهن جي در جي ٻاهران پيل بچيل پاروٿو کاڌو کائيندا آهن ته ڪڏهن ڪنهن گند ڪچري جي ڍير ۾ ماني ڳوليندا وتندا آهن، جيڪي انتهائي ذلت جي زندگي گذاريندا آهن، جنهن جو هر ڏينهن بدتر گذرندو آهي، اهي ماءُ پيءُ ايترا ته بيوس ٿي ويندا آهن جو پنهنجن ئي دل جي ٽڪڙن، پنهنجي ئي جگر کي وڪڻڻ تي مجبور ٿيندا آهن، روز روز جي ذلت ڀري زندگي کان بيزار ٿي ڪري اهي پنهنجن ئي هٿن سن پنهنجي معصوم گلن جهڙي لختي جگر کي زهر جو جام پياري هميشه لاءِ هن بي رحم دنيا جي بدحالي، غربت، ذلت ڀري زندگي مان هميشه لاءِ جان ڇڏائي ڇڏيندا آهن، ان وقت انهن ماءُ پيءُ تي ڇا گذرندو هوندو؟ جيڪي پنهنجي ئي خون کي لهو لهان ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جي ذهن تي ايتري ته بيوسي طاري ٿي ويندي آهي جو سوچ سمجهه ختم ٿي ويندي آهي، ان ڏک، غم، مجبوري، بيوسي جي عالم کي، ان ڪيفيت جو اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي.
مسرت ڪلهوڙو
کٹھن راہِ محبت ہے، مَیں تنہا چل نہیں سکتا
مجھے تیری ضرورت ہے، مَیں تنہا چل نہیں سکتا
اگرچہ ان سہاروں کا مَیں قائل تو نہیں لیکن
تُو میرے دل کی چاہت ہے، مَیں تنہا چل نہیں سکتا
تیری خاطر زمانے بھر سے مَیں نے دشمنی لے لی
یہی جگ کی روایت ہے، مَیں تنہا چل نہیں سکتا
تعجب ہے کہ جس کا عکس میرے ساتھ چلتا ہے
اُسے بھی یہ شکایت ہے، مَیں تنہا چل نہیں سکتا
بہاریں بھی اُسی کے ساتھ عظمی دل کو بھاتی ہیں
یہی برسوں کی عادت ہے، مَیں تنہا چل نہیں سکتا
شهيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبه
|
تاريخ ۾ ڪي فرد اهڙا به پيدا ٿين ٿا جيڪي اڳتي هلي پنهنجي نسل، ڪٽنب، قبيلي، قوم، خطي يا ملڪ جي مشهوري جو سبب بڻجن ٿا، اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبه به نه فقط لاڙڪاڻي، سنڌ ۽ پاڪستان جي تعلق کي عالمي سطح تي جوڙي ڇڏيو پر ساڳئي وقت انهن پنهنجي نسلي ڪٽنب، قبيلي، ڀٽو ذات کي عالمي شهرت بخشي. ”ڀٽو“ ڪير آهن: ”ڀُٽن“ بابت تاريخ ۾ مختلف روايتون آهن، ڪن تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته ”ڀُٽو“ اصل ۾ آرائين آهن. هنن جو اصل وطن آريها Arriha شام ملڪ هو، محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ڀرتي ٿي سنڌ پهتا ۽ اتي ئي آباد ٿي ويٺا، ڪي چون ٿا ته ”ڀُٽو“ سليم ملڪي جي اولاد مان آهن، جڏهن عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ان وقت سنڌ آيا ۽ هتي ئي رهجي ويا، ڪن جو چوڻ آهي ته عربن جي بنوعباس گهراڻي مان ”عباسي“ ٿيا جيڪي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ تي ڪلهوڙا سڏجڻ لڳا، ڪلهڙن جو هڪ پاڙو ”ڀُٽو“ به آهي، سنڌ ۾ سمن جي اولاد مان مسلمان سوڍن ۽ جاکرن مان پڻ ”ڀٽو“ آهن، جيڪي اصل سما آهن، هنن لاشارين ۽ مير چاڪر خان رند درميان ويڙهه ۾ حصو ورتو، سمن جي باري ۾ ٺٽي واري سلطنت دوران سندن سورنهن پاڙن جو ذڪر ملي ٿو جن مان هڪ ”ڀورا ڀٽو“ پڻ هڪ هو، پر مشهور انگريز محقق مسٽر ڊينزل ابٽسن پنهنجي مشهور تحقيقي ڪتاب (Punjab Casts) پنجاب جون ذاتيون ۾ مسٽر اوبرائن جي حوالي سان ٻي ڳالهه لکي ٿو، اوبرائن جو چوڻ آهي ته ”ڀٽو“ اصل ۾ راجپوتانا يا راجستان ۾ راجپوت آهن. اهي راجپوتن جي ”سورج بنسي“ نسل مان آهن، اهي قديم هندستان جي ”حصار“ واري علائقي جا رهاڪو هئا، ڪن ڏينهن ۾ جڏهن گنگا جمنا سوڪهڙي جو شڪار ٿيون ته انهن پنهنجي علائقي مان هجرت ڪئي پوءِ هو جالنڌر، ڪرنال، ملتان کان سنڌ ۾ سنڌو سان آباد ٿيندا ويا، پنهنجي ڪرت کيتي ٻاري سبب ”ڀٽو“ آرائين به سڏجن ٿا. سنڌ جا اڪثر ڀٽا پنهنجو تعلق ”حصار“ جي راجپوتن سان جوڙين ٿا. مغل بادشاهه اورنگزيب جي ڏينهن ۾ ڀٽن جي وڏي مٺا خان اچي سنڌ آباد ٿيو، پر سندس اولاد مان سهتو خان ڀٽو اهو فرد هو جنهن لاڙڪاڻي واري ”ڀٽو جاگير“ جو بنياد وڌو. جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو تائين اڪثر زمينون ڪنهن وقت ۾ ”ڀٽو جاگير“ ۾ شامل هيون. بينظير جي ولادت: اتر سنڌ جي روايتي جاگيردار گهراڻي سان تعلق رکندڙ سر شاهنواز ڀٽو جي سياست جي هاڪ نه فقط سنڌ پر انهن ڏينهن ۾ برصغير تي قابض برطانوي گورن جي ايوانن ۾ ٻڌي ويندي هئي، بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي هجي يا انڊين پبلڪ سروسز ڪميشن، آل انڊيا گول ميز ڪانفرنس کان جونا ڳڙهه جي وزارت عظميٰ جا عهدا ماڻيائين، انهيءَ سر شاهنواز ڀٽو پنهنجي خاندان کان علاوه بمبئي ۾ رهائش وارن ڏينهن ۾ هڪ وچولي گهراڻي جي خاتون خورشيد سان به شادي ڪئي، سر شاهنواز ڀٽو کي پهرين پٽ سڪندر علي خان (اول) پيدا ٿيو. جيڪو پڙهڻ دوران لاڙڪاڻي جي هاسٽل ۾ نون سالن جي عمر ۾ بخار سبب گذاري ويو. ٻيو فرزند امداد علي خان 1914ع ۾ ڄائو جيڪو ڦوهه جواني ۾ 1950ع ڌاري ڇٽيهه ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو، سڪندر علي خان ڀٽو (ٻيو) ۽ ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيا، جڏهن ته سر شاهنواز ڀٽو کي شهربانو امتياز، هدايت ارشاد، ملڪه جهان، نورجهان، ممتاز محل، منور الاسلام ۽ سڀ کان ننڍي ستون نمبر ڌيءَ کيس بينظير پيدا ٿي، ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ بينظير سان ڏاڍي محبت هئي، هو ٻئي پوني ۾ گڏ ئي رهندا هئا، گڏ کيڏڻ کان علاوه گهمڻ ڦرڻ ۽ پڙهڻ به ٻنهي جو گڏ هو، بينظير پندرنهن ورهين جي عمر ۾ پوني جي هاسٽل ۾ بخار سبب گذاري وئي، پنهنجي پياري ڀيڻ بينظير جي وڇوڙي تي ننڍڙو ڀٽو ڏاڍو رنو ۽ دلگير ٿيو، اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پهرين گهر واري شيرين امير بيگم جي اجازت سان پريم منجهان نصرت اصفهاني سان ٻي شادي ڪئي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ ذلفي ڀٽو هني مون پيرس ۾ ملهايو، پوءِ ڀٽو کيس واپس وطن رهائي لنڊن پڙهائي لاءِ موٽي ويو، ڳورهاري نصرت مڙس جي غير موجودگي ۾ اداس رهڻ لڳي، پنهنجي ننهن جي اداسي کي ڏسندي سندس سهري سر شاهنواز ۽ سس خورشيد بيگم خاص طور 70 ڪلفٽن جو گهر ٺهرائي ڏنو. آخر 21 جون 1953ع آچر ڏينهن رات جو اٺين وڳي بيگم نصرت ڀٽو ڪراچي جي پنٽو نرسنگ هاسپيٽل ۾ سهڻي ستابي نياڻي کي جنم ڏنو، گلاب جي گلن جي مکڙين جهڙي نياڻي کي جنهن به پئي ڏٺو اهو خوش پئي ٿيو. جڏهن ولايت ۾ ذلفي ڀٽو (ذوالفقار علي ڀٽو) کي ٻڌايو ويو ته هو پنهنجي دوستن پيلو مودي، جهانگير موگا ۽ ٻين کي خوشي منجهان ٽهڪ ڏئي ٻڌائي رهيو هو ته هو هاڻ پيءُ بڻجي ويو آهي، ۽ پوءِ ڀٽو پنهنجي سڪيلڌي نياڻي کي ڏسڻ ڏيهه موٽي آيو، هن جڏهن پهرين نظر پنهنجي نياڻي تي وڌي ته بي اختيار چئي ڏنائين هيءَ پنڪي آهي، سڄي ڪٽنب هن نياڻي جي ڇٽي تي خير خيراتون ڪيون، ذلفي ڀٽو پنهنجي نياڻي جو نالو پنهنجي پياري ڀيڻ ”بينظير“ جي نالي پويان بينظير رکيو. بينظير معنيٰ جنهن جو ڪو مثال نه هجي، هوءَ واقعي بينظير بڻجي آئي، هن جي جنم ڄڻ پنهنجي پيءُ جا نصيب کولي ڇڏيا، پوءِ جلد ئي ڀٽو صاحب پنهنجي پڙهائي پوري ڪري وطن وريو، جلد ئي ڀٽو صاحب کي اسڪندر مرزا هڪ پاڪستاني وفد جو سربراهه بڻائي جنيوا موڪليو. بينظير ننڍپڻ کان ڪاليج تائين: بينظير اڃا چئن سالن جي هئي ته پيءُ ماءُ ڪراچي جي ريڪس سينيما ۾ فلم پئي ڏٺي ته سينيما جي اسڪرين تي سلائيڊ هلائي ڀٽو صاحب کي اطلاع ڏنو ويو ته کيس فوري طور صدر اسڪندر مرزا گورنمينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي. اهڙي طرح ڀٽو صاحب اقتدار جي ايوانن ۾ داخل ٿيو، پنڪي ننڍي هوندي کان ئي هوشيار ۽ سگهڙ هئي، کيس ٽن سالن جي عمر ۾ ليڊي جيننگز جي نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جڏهن ته هو پنجن ورهين جي عمر ۾ ڪراچي جي ڪانونٽ آف جينرز اينڊ ميري اسڪول ۾ داخل ٿي. هن اٺن سالن جي عمر ۾ ئي پيءُ ماءُ جو گهر سنڀالڻ شروع ڪيو، سندس ماءُ پيءُ جڏهن غير ملڪي دورن تي ويندا هئا ته گهر جي خرچ پکي جا پئسا پنهنجي وڏي ڌيءُ بينظير حوالي ڪري کيس ڀائرن مرتضيٰ، شاهنواز ۽ ڀيڻ صنم جي پارت ڪري نڪرندا هئا، پوءِ پنڪي اهي پئسا وهاڻي هيٺان رکي سمهندي هئي، پنهنجي گهرو بورچي بابو سان گڏ مرتضيٰ، شاهنواز ۽ صنم لاءِ کاڌا به تيار ڪندي هئي، جڏهن ته روزانو ٿيل خرچ الڳ پني تي لکندي ويندي هئي، سندس امڙ نصرت کيس ننڍي هوندي کان ئي نماز پڙهڻ ۽ قرآن پاڪ جو درس سيکاريو، محرم الحرام جي مهيني ۾ سندس امڙ کيس ڪارا ڪپڙا پارائي امام حسين عه ۽ بيبي زينب رضه جي ياد ۾ ٿيندڙ مجلسن ۾ پڻ وٺي ويندي هئي. بينظير جڏهن چوڏهن ورهين جي ٿي ته ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندي سندس ماءُ نصرت کيس برقعو پارائي ريل گاڏي ۾ وٺي وئي، ان خيال سان ته متان روايتي جاگيردار ۽ قدامت پسند سوچ رکندڙ ڀُٽا پنهنجي نوجوان ڇوڪري کي بغير پردي جي ڏسي ڪاوڙجي نه پون. پنڪي جڏهن برقعي ۾ المرتضيٰ هائوس پهتي ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کيس برقعي ۾ ڏسي پنهنجي زال نصرت کي چيو ”ڏس نصرت اڄ کان پوءِ منهنجي پنڪي برقعو ڪونه پائيندي، انسان جو وڏي ۾ وڏو حياءُ ۽ شرم سندس اکين ۽ ذهن ۾ آهي“ انهن ئي ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ايوب سرڪار مان استعيفيٰ ڏئي پاڪستان پيپلزپارٽي نالي عوامي جماعت جوڙي، پنڪي پنهنجي ڀيڻ صنم ۽ ڀائرن مرتضيٰ ۽ شاهنواز سان گڏ چار آنا في گڏ ڪري پارٽي جي ميمبر شپ ڪندي هئي، هن ننڍي هوندي کان ئي عالمي ۽ ملڪي سطح جي سياسي سماجي شخصيتن کي پنهنجي گهر ۾ ايندي ڏٺو. سندس والد جا عالمي سطح تي تعلقات هئا، پنڪي مري گرامر اسڪول مان پڙهائي پوري ڪري چڪي هئي، سورنهن سالن جي عمر ۾ پنڪي جي داخلا آمريڪا جي اعليٰ تعليمي اداري ريڊ ڪلف ۾ ٿي وئي، هوءَ جڏهن 70 ڪلفٽن جي اباڻي گهر مان پڙهائي لاءِ رواني پئي ٿي سندس ماءُ کيس قرآن پاڪ جي ڇانو ۾ روانو ڪيو، سندس عظيم والد کيس ايئرپورٽ ڇڏڻ آيو کيس هدايت ڪيائين ته منهنجون تو ۾ اميدون وابسته آهن، مغرب جي تهذيب کي ڏسي مشرقي روايتن کي نه وسارجانءِ، اهڙي ريت پنڪي ريڊ ڪلف رواني ٿي وئي، بينظير ڀٽو آڪسفورڊ ۽ ڪيليفورنيا مان سياست، صحافت، فارين سروس، معاشيات ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هوءَ آڪسفورڊ اسٽوڊنٽس يونين جي پهرين ايشيائي صدر به چونڊي وئي. پنڪي جڏهن ارڙنهن ورهين جي هئي ته 1971ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ڇڙي پئي، هندستاني فوجون مشرقي پاڪستان داخل ٿي چڪيون هيون. اڃا پڙهي رهي هئي ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کيس نياپو ڪيو ته هو 9 ڊسمبر تي اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيو آهي، هوءَ (بينظير) مونسان نيو يارڪ ۾ ملي، پنڪي فوري نيويارڪ پهتي، کيس ڀٽو صاحب پنهنجي سيڪريٽري جا فرائض ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، اهڙي طرح پنڪي شاگرد بجاءِ سفارتڪار بڻجي وئي، هوءَ پنهنجي پيءُ سان گڏ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي، گڏو گڏ هوءَ سندس سيڪريٽري جا فرائض به نڀائي رهي هئي، کيس پاڪستان خلاف عالمي سازشن جي پروڙ 1971ع کان ئي ٿيڻ لڳي. ڊسمبر 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو، نوي هزار کان مٿي پاڪستاني فوجن هٿيار ڦٽا ڪيا، يحيٰ خان جي جاءِ تي ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي پهرئين سويلين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر جا اختيار سنڀاليا. بينظير ۽ شملا مذاڪرات: ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي هاڻ ميچوئر ٿي چڪي هئي، هوءَ هارورڊ ۾ اڃا زير تعليم هئي، سندس موڪلن جا ڏينهن هئا ته سندس والد جو کيس نياپو مليو ته توکي مون سان گڏ هندستان جي اهم دوري تي هلڻو آهي، پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ اهم ۽ نازڪ مذاڪرات شروع ٿيڻ وارا هئا، بينظير پنهنجي والد سان گڏ شملا وڃڻ لاءِ پهچي وئي، هندستان جي وزيراعظم هميشه روايتي لباس ساڙهي پائيندي هئي، بينظير به پاڻ سان گڏ روايتي مشرقي ڊريسون کنيون ۽ پنهنجي ساهيڙي سميعه ۽ والده بيگم نصرت ڀٽو کان شلوار قميض ۽ ساڙهيون ورتائين، والده کيس ساڙهي پائڻ سيکاري، اهڙي طرح بينظير پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ويندڙ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٿي وئي، هندستان پهچڻ تي انڊين پريس بينظير کي وڏي ڪوريج ڏني، هو ڳالهين جي سمورن دورن ۾ پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ رهي، آخر پنجين ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽو اوچتو وفد کي ٻڌايو ته هندستاني وزيراعظم مسز اندرا گانڌي نه ئي پاڪستاني جنگي قيدي آزاد ڪرڻ ٿي چاهي ۽ نه وري والاريل علائقا واپس پاڪستان کي ڏيڻ جي موڊ ۾ آهي، ڳالهيون ذري گهٽ ناڪام بڻجي چڪيون هيون. چون ٿا ته هن پاڪستاني دوري دوران ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو هيٺ فرش تي سمهندا هئا، جيئن قيدين سان يڪجهتي جو اظهار ٿئي، پاڪستاني وفد واپسي جون تياريون ڪرڻ لڳو، ڀٽو صاحب ۽ بينظير ڀٽو اندرا گانڌي سان الوداعي ملاقات ڪئي، ان ۾ ڀٽو صاحب آخري دفعو اندرا گانڌي کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، چون ٿا ته ان موقعي تي بينظير هُجت واري انداز ۾ اندرا گانڌي کي چيو هو ته آنٽي اسان اوهانجي هيڏي وڏي ديش مان هٿين خالي پيا وڃون، جيڪڏهن اسان هاڻ هي موقعو وڃايو ته ايندڙ نسل ان جو ڀوڳيندا. اهڙي طرح اوچتو شملا معاهدي تي صحيحون ٿيون، اهي هڪ عالمي سطح جون ڳالهيون هيون، جنهن بينظير پنهنجي پيءُ جي مدد سان ان کان سفارتي آداب پڻ سکي. بينظير سياست جي ڀنور ۾: بينظير ڀٽو جي پنهنجي پسند ملڪ جي خارجه پاليسي هئي، ٻيو آپشن صحافت ڪرڻ جو هيس، آڪسفورڊ ۽ هارورڊ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1977ع وارن ابتدائي مهينن ۾ هن پاڪستان جي وزارت خارجه به جوائن ڪئي هئي، مختلف سمريون ٺاهي هوءَ پنهنجي وزيراعظم پيءُ کي به موڪليندي هئي، ڀٽو صاحب هڪ شفيق استاد جيان کيس سمجهاڻيون به ڏيندو رهيو، انهن ئي ڏينهن ۾ هن وڌيڪ تعليم لاءِ لنڊن ۾ داخلا ورتي، جون 1977ع ۾ هوءَ پنهنجي ڀائرن مير مرتضيٰ، شاهنواز ۽ صنم ڀٽو سان گڏ واپس وطن ويڪيشن گذارڻ آئي، هن پنهنجي اباڻن ڪکن ڳڙهي خدابخش، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو کان علاوه خانداني زمينن عزت جي وانڍ، نصرت فارم تي خوب سير سفر ڪيا، ان بعد ڀٽو صاحب جو اهو سڄو پريوار اسلام آباد پهچي ويو، پاڪستاني مخالف ڌر آمريڪا جي چرچ تي ڀٽو خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري چڪي هئي، ڀٽو صاحب کي اقتدار تان لاهڻ لاءِ آمريڪي ڊالر پاڻي جيان ملڪ اندر وهايا ويا. ڀٽو صاحب اهڙي تحريڪ کي ڪنٽرول ڪري چڪو هو. اها 5 جولاءِ 1977ع جي ڪاري رات هئي، ڀٽو صاحب وزير اعظم هائوس ۾ دير تائين فائيل جاچي رهيو هو، ٻئي ڪمري ۾ سندس شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ٻچڙن بينظير، مرتضيٰ، صنم ۽ شاهنواز سان اگهور ننڊ ۾هئي ته هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ضياءُالحق جي حڪم تي ڏهين ڪور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي آپريشن فيئر جي نگراني ڪري رهيو هو. ٽرپل ون برگيڊ جو ڪمانڊر برگيڊيئر امتياز وڙائچ هٿياربند فوج جا دستا ٽينڪن سميت ڪاهي وزيراعظم هائوس کي گهيرو ڪري چڪو هو، ڪجهه لمحن بعد هٿياربند فوجي چونڊيل وزيراعظم کي حراست ۾ وٺي چڪا هئا، گڏو گڏ ملڪ اندر جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪري مارشل لا هڻي آمريت جا در کوليا ويا. ڀٽو صاحب کي ڪوهه مري جڏهن ته سندس خاندان کي ڪراچي روانو ڪيو ويو. ڪوهه مري ۾ ڪجهه ڏينهن بعد جنرل ضياءَ سان ملاقات ڪئي، کانئس تعاون طلب ڪيو پر ڀٽو صاحب ان ملاقات ۾ جنرل ضياءَ کي ست سريون ٻڌايون، پوءِ ڀٽو- ضياءَ تعلقات خراب ٿيندا ويا، ڪجهه عرصي بعد ڀٽو صاحب کي نواب محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ سندس ضمانت منظور ڪئي جنهن جج ضمانت منظور ڪئي ان کي هٽايو ويو. ڀٽو صاحب عيد گهارڻ لاڙڪاڻي پهتو، اتي کيس پنهنجي پراڻي دوست رفيق رضا ٻڌايو ته هو پاڪستان مان نڪري وڃي نه ته فوجي سرڪار کيس ۽ سندس خاندان کي انتقام جو نشانو بڻائيندي، ڀٽو صاحب وڃڻ کان انڪار ڪيو، انهيءَ رات هن پنهنجي ٻنهي پٽن مرتضيٰ ۽ شاهنواز کي وطن ڇڏڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته بينظير صاحبه کيس عرض ڪيو ته هوءَ ڇوڪري آهي کيس سرڪار ڇا ڪندي ان لاءِ هوءَ ساڻس گڏ رهندي. اهڙي طرح مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جلاوطن ٿيا، ٻئي ڏينهن رات جو المرتضيٰ هائوس مان ڀٽو صاحب کي گرفتار ڪري پهريان سکر سينٽرل جيل پهچايو ويو، بعد ۾ڪراچي ۽ لاهور نيو ويو، جنرل ضياءَ جي زندگي جو هڪ ئي مقصد هو ڀٽو صاحب کي رستي تان هٽائڻ ۽ پ پ جو وجود ختم ڪرڻ، ڀٽو صاحب ٻيهر نواب محمد احمد خان قصوري ڪيس ۾ گرفتار ٿي ڪوٽ لکپت جيل پهتو، بينظير صاحبه جي زندگيءَ جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا، پيءُ جيل اماڻيو ويو، ماءُ بيمار ، ڀائر جلاوطن گڏو گڏ پيءُ جي ڪيس جي پوئواري ، آمريت سان منهن ڏيڻ ۽ پ پ جهڙي ڇپ پارٽي جي نگراني ڪرڻ جهڙا بار اچي بينظير جي ڪلهن تي پيا. بينظير پنهنجي والده سان گڏ عوامي رابطه مهم جو آغاز ڪيو، قذافي اسٽيڊيم ۾ سرڪار جي ڇاڙتن ٻنهي تي حملو ڪيو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير تي لاٺي چارج ڪئي وئي، بيگم نصرت ڀٽو شديد زخمي ٿي پئي، بينظير پنهنجي زخمي ماءُ کي کڻي اسپتال پهتي، ساڳئي وقت پيءُ جي ڪيس ۾ حاضرين کي به منهن ڏيندي رهي، بينظير ڪراچي کان خيبر تائين ڪشالا ڪڍيا، پنهنجي پيءُ کي ڦاهي جي تختي تان بچائڻ لاءِ هن وڏا جتن ڪيا، جڏهن جنرل ضياءُ محسوس ڪيو ته هيءَ سنهڙي نفيس ڇوڪري هاڻ خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، تڏهن کيس بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ سهالا پوليس ڪيمپ ۾ نظربند ڪيو ويو. هفتي ۾ هڪ دفعو کيس ڦاهي جي سزا ٻڌايل پيءُ سان ملاقات ڪرائي ويندي هئي. آخر بينظير جي زندگي جي اها گهڙي به آئي جڏهن پنهنجي عظيم والد ذولفقار علي ڀٽي سان آخري ملاقات ڪرائي وئي اهو منظر به عجب منظر هو جڏهن هوءَ پنهنجي والد سان زندگي جي آخري ڪچهري ڪري رهي هئي ته اڄ هو کائنس موڪلائڻ وارو هو ، بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو آهن ۽ سڏڪن ۾ اهي لمحا گذاريا ، ڀٽي صاحب کين روئڻ کان سختي سان منع ڪيو هو متان جنرل ضياءَ جا ڇاڙتا سمجهن ته هاڻي ڀٽوز ختم ٿي چڪا آهن، ذولفقار علي ڀٽي فرش تي ويهي ساڻن ڪچهري ڪئي، کيس ماءُ ڀائرن ۽ ڀيڻ جي پارت کان علاوه نصيحت ڪيائين ته ”ڪڏهن به غريب عوام کان ڀيرو نه ڀڃجانءِ“، آخرڪار وڇوڙي جي اها گهڙي به آئي، بينظير پنهنجي عظيم پيءُ سان جدوجهد ۽ عوام سان ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪري آهن ۽ ڳوڙهن ۾ موڪلايو، ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر کين ڦاهي بعد آخري ديدار کان به محروم رکيو ، عوامي دٻاءَ تي آخر جنرل ضياءَ بينظير کي آزاد ڪيو، هن اچي پنهنجي بابا جي قبر تي حاضري ڀري لاڙڪاڻي ۾ تڏو وڇايو، بينظير پيءُ جي ڦاهي بعد دشمنن تي ڪاهي پئي، هن آنجهي مانجهي ڏينهن رات ڪري عوام کي آمريت خلاف منظم ڪيو، هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو بعد جدوجهد جو اهڃاڻ ٿي اڀري، هن نه فقط پيپلزپارٽي کي منظم ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي گڏو گڏ مختلف سياسي قوتن کي به گڏ کڻي هلي، بينظير انهيءَ پاداش ۾ سينٽرل جيل سکر، سينٽرل جيل ڪراچي ۾ سخت گرمين ۾ قيد جا ڏينهن گهاريا، هن ملڪ جي ماڻهن کيس جمهوريت ۽ جدوجهد جي ديوي طور پوڄيو. بينظير جي شادي: عوامي ۽ عالمي دٻاءُ هيٺ بيگم نصرت ڀٽو کي ڦڦڙن جي ڪينسر جي علاج ۽ بينظير کي پنهنجي ڪَنَ جي آپريشن جي اجازت ڏني وئي، ڀٽو خاندان ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد سالن جي وڇوڙي کانپوءِ لنڊن ۾ گڏ ٿيو، اهو 1985ع جو سال هو، بيگم نصرت ڀٽو پهريون دفعو پنهنجي خاندان جي ٻچڙن کي وري گڏ ڏٺو، اهڙن خوشي وارن لمحن ۾ پهريون دفعو ڀٽو صاحب جي ڀيڻ منور الاسلام عرف آنٽي منا بينظير جي شادي جي ڳالهه ڇيڙي، بينظير پهريان شادي ڪرڻ کان انڪارڪيو پوءِ ماءُ، ڀيڻ، پڦي ۽ خاندان جي دٻاءُ بعد سوچڻ جي مهلت گهري، پوءِ هي خاندان وري فرانس هليو ويو، اتي شاهنواز ڀٽو ڪينن ۾ پنهنجي فليٽ تي خاندان جي دعوت جو پروگرام رٿيو، اهو 18 جولاءِ 1985ع جو ڀيانڪ ڏينهن هو، دعوت کان هڪ ڏينهن اڳ شاهنواز ڀٽو پراسرار طور پنهنجي فليٽ ۾ مارجي ويو، هي خوشيون ڀٽو خاندان لاءِ وقتي ثابت ٿيون. بينظير پنهنجي ڪونڌر ڀاءُ شاهنواز جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي پهتي، ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد هي ٻيو صدمو هو، جيڪو ڀٽو خاندان کي رسيو، ڀاءُ جي لاش ۽ غم زده ماءُ کي کڻي وطن پهتل بينظير ڪجهه عرصي بعد وري عوام ڏانهن وري پر فوجي سرڪار وري کيس جلاوطن ڪري ڇڏيو، بينظير جلاوطني ۾ به تحريڪ هلائيندي رهي، 1986ع اپريل ۾ سندس پاڪستان واپسي ملڪ جي سياسي تحريڪن ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ استقبالن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. لاهور ۾ اٽڪل ڏهه لک ماڻهن سندس تاريخي استقبال ڪيو، جون 1987ع ۾ بينظير واپس لنڊن وئي، وري کيس خاندان طرفان شادي لاءِ زور وڌو ويو، اصل ۾ حاڪم علي زرداري جي حسن علي آفندي فيملي سان تعلق رکندڙ زال بلقيس بيگم وري بينظير صاحبه جي پڦي منور الاسلام جي ويجهي ساهيڙي هئي، بلقيس بيگم آصف زرداري جي ويڳي ماءُ هئي، پر کيس آصف زرداري جي شادي جي ڳڻتي هئي، بينظير اڃا انهيءَ ٻڏتر ۾ هئي ته هڪ ڏينهن هوءَ لنڊن ۾ پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو کي ونڊسر پارڪ ۾ گهمائي رهي هئي ته بينظير صاحبه کي هڪ زهريلي ماکيءَ جي مک ڏنگي وڌو، جنهن جي ري ايڪشن ۾ بينظير صاحبه سخت بخار ۾ مبتلا ٿي پئي، اها خبر جڏهن لنڊن ۾ ترسيل زرداري فيملي کي پئي ته هو سڀ فوري بيگم نصرت ڀٽو جي فليٽ تي پهچي ويا، ۽ سڀ بينظير جي تيمارداري ۾ لڳي ويا، آخر خوش ٿيڻ بعد بينظير صاحبه تي وري شادي جو زور وڌو ويو. اها ماکيءَ جي مک جنهن بينظير کي ڏنگيو هو اها زرداري فيملي لاءِ نه فقط بينظير جهڙي ڪنوار پر اقتدار جي ايوانن جا رستا به کولي وئي. اهڙي طرح جولاءِ 1987ع جي هڪ شام لنڊن ۾ بينظير صاحبه جو نوابشاهه جي رئيس حاڪم علي زرداري جي اڪلوتي پٽ آصف سان مڱڻي جو اعلان ٿيو، جڏهن ته شادي 18 ڊسمبر 1987ع تي ڪراچي جي لياري واري ڪڪري گرائونڊ تي لکين ماڻهن جي هجوم ۾ ٿي. بينظير ڀٽو ۽ سندس اولاد: بينظير ڀٽو کي پهريون پٽ بلاول 21 سيپٽمبر 1988ع تي جڏهن ته پهرين نياڻي بختاور جنوري 1990ع تي جڏهن ته کيس ٻي نياڻي آصفه 3 فيبروري 1993ع تي پيدا ٿي. بلاول ڀٽو زرداري هن وقت اٽڪل ويهن ورهين جو ۽ پ پ جو چيئرمين آهي ۽ لنڊن ۾ پيو پڙهي، جڏهن ته بختاور ۽ آصفه دبئي جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. بينظير ڀٽو بحيثيت وزيراعظم: جنرل ضياءَ افغان جهاد جو فائدو وٺي آمريڪا جو منظور نظر رهيو، پر جڏهن جوڻيجو سرڪار جنيوا معاهدو ڪيو ۽ روسي فوجون واپس وريون ته جنرل ضياءُ آمريڪا جي ضرورت نه رهيو، آخر 17 آگسٽ 1988ع تي بهاولپور ويجهو جنرل ضياءُ پنهنجي چوٽيهه کان مٿي فوجي آفيسرن ۽ ساٿين ۽ آمريڪي سفير ۽ فوجي اتاشي سميت هوائي حادثي ۾ مارجي ويو. نئين صدر اسحاق خان ۽ آرمي چيف جنرل بيگ عام چونڊن جو اعلان ڪيو. بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ جو اهو پهريون انتخابي معرڪو هو، ملڪ جي هڪ ڳجهي ايجنسي بينظير جو رستو روڪڻ لاءِ پ پ مخالف پارٽين جو اتحاد آءِ جي آءِ ٺهرايو، پر ان باوجود پ پ آڪٽوبر 1988ع ۾ ٿيندڙ چونڊون کٽي وئي. اهڙي طرح بينظير ڀٽو ڊسمبر 1988ع ۾ فقط پنجٽيهه ورهين جي عمر ۾ اسلامي دنيا جي تاريخ جي پهرين خاتون وزيراعظم جو حلف کنيو. سندس سرڪار محض اڻويهه مهينا هلڻ ڏني وئي. صدر اسحاق خان 5 آگسٽ 1990ع تي بينظير سرڪار برطرف ڪري ڇڏي، ٿوري عرصي ۾ بينظير هڪ لک کان مٿي بيروگار نوجوانن کي روزگار ڏنو. ملڪ اندر ڪيئين ميگا پراجيڪٽ شروع ڪرايا. پاڪستان کي ميزائيل ڊفينس ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو، ٻيو دفعو جڏهن صدر اسحاق ۽ وزيراعظم نواز شريف درميان اختلاف تيز ٿيا ته آرمي چيف جنرل وحيد ڪاڪڙ جي مداخلت بعد صدر اسحاق ۽ وزيراعظم نواز شريف ٻنهي کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پيو، 1993ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجي ۾ بينظير صاحبه ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي، سندس سرڪار جوڳا ڪم ڪيا، اٽڪل ٽن سالن تائين ٻيو دور هليو، بعد ۾ صدر فاروق لغاري ايوان صدر اندر ويهي بينظير سرڪار خلاف سازشون ڪرڻ شروع ڪيون. انهيءَ عرصي ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو جي موڀي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996ع تي پنهنجي گهر 70 ڪلفٽن ٻاهران شهيد ڪيو ويو. بينظير جا اڃا لڙڪ به خشڪ نه ٿيا ته نومبر 1996ع ۾ سندس ئي چونڊرايل صدر فاروق لغاري سندس سرڪار کي برطرف ڪري ڇڏيو. بينظير ڀٽو ڪيس، جلاوطني ۽ وطن واپسي: بينظير ڀٽو تي فاروق لغاري ۽ بعد ۾ نواز شريف سرڪار ۾ سيف الرحمان ڪئين ڪيس داخل ڪيا. بينظير ڀٽو کي ڪيسن ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ سيف الرحمان پاران اعليٰ عدالتن جي ججن تي دٻاءُ پڻ وڌو ويو. آخر ڪار اپريل 1998ع ۾ بينظير ڀٽو کي خود ساخته جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. هوءَ اٽڪل 9 سال جلاوطن رهي، پر ان باوجود هن همٿ نه هاري، هوءَ جلاوطني ۾ به سموري دنيا اندر پنهنجي پارٽي اڳوانن ۽ ڪارڪنن سان رابطن ۾ رهندي آئي، اها بينظير جي قيادت جو اثر چئجي جو جلاوطن هوندي به هن پارٽي کي متحد ۽ منظم رکيو، هوءَ هڪ اعليٰ درجي جي مدبر، ڏاهي، فلسفي لکيڪه سان گڏ استاد هئي، آمريڪا، لنڊن، فرانس سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن جا ادارا کيس ليڪچر لاءِ خصوصي طور مدعو ڪندا رهيا. هن جا وڏا واسطه آمريڪا جي حڪمرانن کان علاوه برطانيه، فرانس، سعودي عرب، متحده عرب امارات، لبيا، شام، لبنان، اردن جي صدر، وزيراعظم، بادشاهن ۽ اميرن سان هئا، طويل جلاوطني بعد جڏهن 18 آڪٽوبر 2007ع تي هن وطن واپس ورڻ جو اعلان ڪيو ته نه فقط پاڪستان جي غريب عوام بپر آمريڪا ، برطانيه ۽ ٻين ملڪن جي حڪمرانن به سندس وطن واپسي جو خير مقدم ڪيو، بينظير جي وطن واپسي ملٽري، اسٽيبلشمينٽ اتحاد کي هڪ وڏو چئلينج هو، کيس روڪيو به ويو ته هو واپس وطن نه وري پر هن شير دل خاتون سمورين ڌمڪين ۽ چئلينجن کي قبول ڪيو، پنهنجو سِر تري تي کڻي هوءَ واپس وطن وري، بينظير جي وطن واپسي تي 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ اٽڪل 30 لک ماڻهن کيس ڀليڪار ڪري پاڪستاني تاريخ ۾ استقبال جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. اهو عظيم استقبالي قافلو ڪراچي ايئرپورٽ کان مزار قائد طرف روان دوان هو ته شاهراهه فيصل تي ڪارساز وٽ بينظير تي هڪ خودڪش حملو ڪيو ويو، بينظير ڀٽو ۽ پارٽي قيادت ته محفوظ رهي پر اٽڪل پوڻا ٻه سو جي لڳ ڀڳ ورڪر شهيد ٿي ويا. بينظير ڀٽو جي شهادت: جن قوتن 18 آڪٽوبر وارو واقعو ڪرايو انهن ائين پئي سمجهيو ته بينظير هن واقعي بعد بلاول هائوس ۽ زرداري هائوس تائين محدود ٿي ويندي، پر هن ٻئي ڏينهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن هوءَ اوچتو 18 آڪٽوبر جي واقعي ۾ زخمي ٿيل ڪارڪنن جي عيادت لاءِ اسپتال پهتي، اتان فارغ ٿي هن ڪراچي جي لياري ۽ ملير وارن علائقن ۾ سوڙهين گهٽين ۾ وڃي شهيد ٿيل ڪارڪنن جي پونئرن سان تعزيت ڪئي، گڏو گڏ هن سياسي هلچل کي تيز ڪرڻ خاطر سڄي ملڪ ۾ جلسه جلوس ۽ ريليون ڪرڻ شروع ڪيون. هن مختصر عرصي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ عظيم جلسن کي خطاب ڪيو، هوءَ بهادر اڳواڻ جنهن ڏينهن سنڌ کي الوداع چئي پنجاب وڃي رهي هئي. ڪهڙي خبر ته اهو سندس سفر شيهد راڻي جو آخري سفر هوندو، شهيد بينظير ڀٽو اڄ اسان ۾ ڪونهي هن کي ظالمن 27 ڊسمبر 2008ع تي راولپنڊي جي خوني باغ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. بينظير جهڙيون شخصيتون تاريخ ڪڏهن ڪڏهن جنم ڏيندي آهي. پر مونکي يقين آهي ته جيستائين سنڌو سلامت آ تاريخ وري هڪ بينظير کي جنم ڏيندي جيڪا شهيد راڻي بينظير جي خوابن، خيالن ۽ جدوجهد جو اهڃاڻ ۽ تسلسل هوندي. |
|
|
راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) شهيد بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ سندس ويجهي دوست ناهيد خان شهيد بينظير ڀٽو جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ڇپرائي جلد مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، لياقت باغ ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت واري هنڌ تي سندس سالگرهه جي تقريب جي موقعي تي هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته شهيد راڻي جي زندگيءَ کي 18 آڪٽوبر کان وٺي ئي خطرو هو، جڏهن هوءَ ڏيهه آئي هئي، کيس انهن قوتن مان خطرو هو جيڪي ڪڏهن به نٿيون چاهين ته پ پ ملڪ جي وڏي سياسي قوت طور اڀري، هن 27 ڊسمبر واري واقعي بابت ٻڌائيندي چيو ته اسان جڏهن مک دروازي کان ٻاهر نڪتاسين ته شهيد راڻي مون کي نواز شريف سان ڳالهائڻ لاءِ چيو ۽ اڃا نمبر مس ملايو ته گاڏي کي چو طرف ڪارڪن ڦري ويا، جنهن تي هوءَ گاڏي ۾ اٿي بيٺي، ساڄي پاسي کان امين فهيم ۽ کاٻي پاسي کان آئون ويٺل هئس ۽ پويان صفدر عباسي ويٺل هو، سندس مٿي اٿي بيهڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ فائرنگ ٿي ۽ کيس ساڄي پاسي کان گولي لڳي ته هوءَ هيٺ گاڏي ۾ ڪري پئي، سندس اکيون بند ٿي ويون، هن ڪو به آواز نه ڪڍيو ۽ ايتري تائين جو ڪنهن سسڪي جو آواز به نه نڪتو ۽ ٿوري ئي دير کانپوءِ ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد هر طرف لاش پکڙجي ويا، اسان جي گاڏي اسپتال ڏانهن رواني ٿي، رستي ۾ اسين سڀ دعائون گهري رهيا هئاسين، منهنجي لاءِ لياقت باغ کان اسپتال تائين پهچڻ وارا لمحا زندگي جا انتهائي اذيتناڪ هئا، جڏهن اسپتال پهتاسين ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ وڃڻ بعد مون کي ڊاڪٽر پاسي تي وٺي چيو ته هوءَ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي، ان وقت اسان جي مدد لاءِ ڪو به نه هو، هن شهيد راڻي جي گاڏي کان ٻاهر نڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته هوءَ ڪڏهن به ڪنهن جي چوڻ تي نه گاڏي ۾ اٿي بيهندي ۽ نه ويهندي هئي، هوءَ عوامي ليڊر هئي، هوءَ عوام کي ئي طاقت سمجهندي هئي، ان ڏينهن به ڪنهن جي چوڻ کانسواءِ هوءَ پاڻ ئي گاڏي کان ٻاهر نڪري بيٺي هئي، هن ٻڌايو ته هوءَ لياقت باغ واري جلسي ۾ آئي، گاڏي ۾ اٿي بيٺي هئي، چار سده ۽ شڪارپور وارن جلسن ۾ به اٿي بيٺي هئي، هن چيو ته هوءَ چوندي هئي ته جيڪڏهن کيس ڪير پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هوءَ سياست ڇڏي ڏيندي، ناهيد خان چيو ته شهيد راڻي کي گولي ڪيئن لڳي يا ڪهڙي پاسي لڳي واري معاملي تي آئون نه ڳالهائينديس، ڇو ته ان جي جاچ گڏيل قومن جي ٽيم ڪندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينظير ڀٽو جن ماڻهن جا نالا ڏنا هئا، اول ته انهن ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ها، امين فهيم، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ مون کان به ڀلي پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ آئون ڪارڪنن لاءِ آواز اٿاريندي رهنديس، شهيد راڻي جي پوسٽ مارٽم بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو فيصلو شهيد راڻي جي گهرڀاتين کي ڪرڻو هو جيڪو آئون سمجهان ٿي ته صدمي ۾ نه ٿي سگهيو، هن چيو ته پوسٽ مارٽم ذريعي وڌيڪ حقيقت تائين پهچڻ جي مدد ملي سگهي پئي، هن چيو ته شهيد راڻي سان سندس ڪيتريون ئي خوبصورت يادون لاڳايپل آهن جيڪي ڪڏهن به وسري نه سگهنديون، هوءَ عظيم عورت هئي، عظيم ڀيڻ، عظيم ماءُ ۽ عظيم اڳواڻ هئي جيڪا هر ڪنهن جو خيال رکندي هئي، مون سندس ڏک وارا ۽ خوشي وارا ڏينهن به ڏٺا ۽ هميشه ساڻس گڏ رهيس سندس لکيل توڙي اڻ لکيل ڪيتريون ئي يادون مون وٽ آهن، جن کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ جلد عوام آڏو آڻينديس، هاڻي به جڏهن اهي يادون لکڻ ويهان ٿي ته هڪ صفحي کان وڌيڪ نه ٿي لکي سگهان، هن ٻڌايو ته اسين جڏهن ڪراچي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ويندا هئا سين ته اتان ڪرسيون ۽ تڏا به هٽايا ويندا هئا، اسان کي زمين تي ويهڻو پوندو هو، ناهيد خان ٻڌايو ته گذريل سال هن مون کي ميسيج ڪري چيو هو ته ايندڙ سال پاڻ گڏجي پاڪستان ۾ سالگرهه ملهائينداسين پر وقت اسان کان اسان جي ڀيڻ کسي ورتي ۽ اڄوڪي سالگرهه ۾ هوءَ اسان سان گڏ ناهي، هاڻي شايد هوءَ ڪڏهن به اسان جي وچ ۾ نه ايندي، هن چيو ته منهنجو شهيد راڻي سان 25 سالن جو ساٿ رهيو ۽ مون کيس هر حوالي سان آزمايو ته هوءَ عظيم هئي، ٻارن، دوستن ۽ ڪارڪنن سميت سڀني جو خيال رکندي هئي، هن ٻڌايو ته گذريل سال حبيب جالب جي گهر واري کيس اي ميل ڪري مدد لاءِ چيو هو جنهن جي هفتي اندر شهيد راڻي کان جيڪا پڄي سگهي پئي اها مدد ڪئي، هن چيو ته هاڻي به مون کي ان ڳالهه جو اعتبار نه ٿو اچي ته هوءَ ڪا اسان کان وڇڙي وئي آهي، صبح جو ننڊ مان اٿڻ وقت يا سمهڻ وقت سندس يادون ذهن تي تري اينديون آهن، فون جي گهنٽي تي به اهو احساس ٿيندو آهي ته شايد هن جو فون آهي، ناهيد خان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام ۽ ڪارڪنن جي پارٽي آهي، ان کي محترمه بينظير ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽي جيان هلايو ويندو ته اها زندهه رهندي.
ميان افتخار احمد
سڪ تنهنجي ستائڻ لڳي آ
تات ننڊون ڦٽائڻ لڳي آ
تو کان هيڏي سڄڻ دوري
من ۾ محبت وڌائڻ لڳي آ
ميان افتخار احمد
ڪيترو ويجھو دور لکان
ڇا ڇا صنم سور لکان
آهيان چڪ چور زخمن ۾
ڪهڙا ڪهڙا پور لکان
ميان افتخار احمد
استاد بخاري جي شعر جهڙي ڇوڪري
شام جي سانوري پهر جهڙي ڇوڪري
سهڻين ۾ سهڻي آ ، گلابن ۾ گلاب آ
صاف شفاف پئرس شهر جهڙي ڇوڪري
ميان افتخار احمد
زمانو ٿيو آ سڄڻ ٿو اچي اڄ
ڪري قرب جاني ملڻ ٿو اچي اڄ
ڪبا سڀ بيان دلربا سان وري ڪي
ستم سور مون سان سلڻ ٿو اچي اڄ
نچان ڇونه يارو لڇان ڇونه يارو
صنم حال هيڻا پڇڻ ٿو اچي اڄ
نٿو يار ماپي ”ميان“ جي خوشين ۾
غزل گيت منهنجا ٻڌڻ ٿو اچي اڄ
ميان افتخار احمد
چپن تي سرخي اکين ۾ ڪجل اٿس
ٻانهن ۾ چوڙيون پيرن ۾ پايل اٿس
لڳي ٿو ملڪ مصر جي ڪا راڻي آئي آ
اهڙو ته ويس گلابي پاتل اٿس
ميان افتخار احمد
زندگي زندگي ناهي رهي
بندگي بندگي ناهي رهي
ٿي پيو لالچي آ هي زمانو
دوستي دوستي ناهي رهي






![Frozen lake [Explored] Frozen lake [Explored]](http://static.flickr.com/7154/6775468053_d50864e5be_t.jpg)