22
Jun
08

شهيد بينظير کي ساڄي پاسي کان گولي لڳي، سندس اکيون ۽ آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو:ناهيد خان

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) شهيد بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ سندس ويجهي دوست ناهيد خان شهيد بينظير ڀٽو جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ڇپرائي جلد مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، لياقت باغ ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت واري هنڌ تي سندس سالگرهه جي تقريب جي موقعي تي هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته شهيد راڻي جي زندگيءَ کي 18 آڪٽوبر کان وٺي ئي خطرو هو، جڏهن هوءَ ڏيهه آئي هئي، کيس انهن قوتن مان خطرو هو جيڪي ڪڏهن به نٿيون چاهين ته پ پ ملڪ جي وڏي سياسي قوت طور اڀري، هن 27 ڊسمبر واري واقعي بابت ٻڌائيندي چيو ته اسان جڏهن مک دروازي کان ٻاهر نڪتاسين ته شهيد راڻي مون کي نواز شريف سان ڳالهائڻ لاءِ چيو ۽ اڃا نمبر مس ملايو ته گاڏي کي چو طرف ڪارڪن ڦري ويا، جنهن تي هوءَ گاڏي ۾ اٿي بيٺي، ساڄي پاسي کان امين فهيم ۽ کاٻي پاسي کان آئون ويٺل هئس ۽ پويان صفدر عباسي ويٺل هو، سندس مٿي اٿي بيهڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ فائرنگ ٿي ۽ کيس ساڄي پاسي کان گولي لڳي ته هوءَ هيٺ گاڏي ۾ ڪري پئي، سندس اکيون بند ٿي ويون، هن ڪو به آواز نه ڪڍيو ۽ ايتري تائين جو ڪنهن سسڪي جو آواز به نه نڪتو ۽ ٿوري ئي دير کانپوءِ ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد هر طرف لاش پکڙجي ويا، اسان جي گاڏي اسپتال ڏانهن رواني ٿي، رستي ۾ اسين سڀ دعائون گهري رهيا هئاسين، منهنجي لاءِ لياقت باغ کان اسپتال تائين پهچڻ وارا لمحا زندگي جا انتهائي اذيتناڪ هئا، جڏهن اسپتال پهتاسين ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ وڃڻ بعد مون کي ڊاڪٽر پاسي تي وٺي چيو ته هوءَ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي، ان وقت اسان جي مدد لاءِ ڪو به نه هو، هن شهيد راڻي جي گاڏي کان ٻاهر نڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته هوءَ ڪڏهن به ڪنهن جي چوڻ تي نه گاڏي ۾ اٿي بيهندي ۽ نه ويهندي هئي، هوءَ عوامي ليڊر هئي، هوءَ عوام کي ئي طاقت سمجهندي هئي، ان ڏينهن به ڪنهن جي چوڻ کانسواءِ هوءَ پاڻ ئي گاڏي کان ٻاهر نڪري بيٺي هئي، هن ٻڌايو ته هوءَ لياقت باغ واري جلسي ۾ آئي، گاڏي ۾ اٿي بيٺي هئي، چار سده ۽ شڪارپور وارن جلسن ۾ به اٿي بيٺي هئي، هن چيو ته هوءَ چوندي هئي ته جيڪڏهن کيس ڪير پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هوءَ سياست ڇڏي ڏيندي، ناهيد خان چيو ته شهيد راڻي کي گولي ڪيئن لڳي يا ڪهڙي پاسي لڳي واري معاملي تي آئون نه ڳالهائينديس، ڇو ته ان جي جاچ گڏيل قومن جي ٽيم ڪندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينظير ڀٽو جن ماڻهن جا نالا ڏنا هئا، اول ته انهن ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ها، امين فهيم، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ مون کان به ڀلي پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ آئون ڪارڪنن لاءِ آواز اٿاريندي رهنديس، شهيد راڻي جي پوسٽ مارٽم بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو فيصلو شهيد راڻي جي گهرڀاتين کي ڪرڻو هو جيڪو آئون سمجهان ٿي ته صدمي ۾ نه ٿي سگهيو، هن چيو ته پوسٽ مارٽم ذريعي وڌيڪ حقيقت تائين پهچڻ جي مدد ملي سگهي پئي، هن چيو ته شهيد راڻي سان سندس ڪيتريون ئي خوبصورت يادون لاڳايپل آهن جيڪي ڪڏهن به وسري نه سگهنديون، هوءَ عظيم عورت هئي، عظيم ڀيڻ، عظيم ماءُ ۽ عظيم اڳواڻ هئي جيڪا هر ڪنهن جو خيال رکندي هئي، مون سندس ڏک وارا ۽ خوشي وارا ڏينهن به ڏٺا ۽ هميشه ساڻس گڏ رهيس سندس لکيل توڙي اڻ لکيل ڪيتريون ئي يادون مون وٽ آهن، جن کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ جلد عوام آڏو آڻينديس، هاڻي به جڏهن اهي يادون لکڻ ويهان ٿي ته هڪ صفحي کان وڌيڪ نه ٿي لکي سگهان، هن ٻڌايو ته اسين جڏهن ڪراچي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ويندا هئا سين ته اتان ڪرسيون ۽ تڏا به هٽايا ويندا هئا، اسان کي زمين تي ويهڻو پوندو هو، ناهيد خان ٻڌايو ته گذريل سال هن مون کي ميسيج ڪري چيو هو ته ايندڙ سال پاڻ گڏجي پاڪستان ۾ سالگرهه ملهائينداسين پر وقت اسان کان اسان جي ڀيڻ کسي ورتي ۽ اڄوڪي سالگرهه ۾ هوءَ اسان سان گڏ ناهي، هاڻي شايد هوءَ ڪڏهن به اسان جي وچ ۾ نه ايندي، هن چيو ته منهنجو شهيد راڻي سان 25 سالن جو ساٿ رهيو ۽ مون کيس هر حوالي سان آزمايو ته هوءَ عظيم هئي، ٻارن، دوستن ۽ ڪارڪنن سميت سڀني جو خيال رکندي هئي، هن ٻڌايو ته گذريل سال حبيب جالب جي گهر واري کيس اي ميل ڪري مدد لاءِ چيو هو جنهن جي هفتي اندر شهيد راڻي کان جيڪا پڄي سگهي پئي اها مدد ڪئي، هن چيو ته هاڻي به مون کي ان ڳالهه جو اعتبار نه ٿو اچي ته هوءَ ڪا اسان کان وڇڙي وئي آهي، صبح جو ننڊ مان اٿڻ وقت يا سمهڻ وقت سندس يادون ذهن تي تري اينديون آهن، فون جي گهنٽي تي به اهو احساس ٿيندو آهي ته شايد هن جو فون آهي، ناهيد خان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام ۽ ڪارڪنن جي پارٽي آهي، ان کي محترمه بينظير ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽي جيان هلايو ويندو ته اها زندهه رهندي.

 

Advertisement

0 Responses to “شهيد بينظير کي ساڄي پاسي کان گولي لڳي، سندس اکيون ۽ آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو:ناهيد خان”



  1. Leave a Comment

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Connecting to %s


Follow

Get every new post delivered to your Inbox.