اسان پنهنجي هن زندگي ۾ ڪيترائي اهڙا انسان ڏٺا آهن، جيڪي انتهائي بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي هن سماج جي ٺاهيل ريتن، رسمن، رواجن جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي ماڻهن جي نفرتن، محتبن، سازشن، غلامين، محتاجن جي اڳيان بيوس هوندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي پنهنجن ئي اصولن جي ڄار ۾ ڦاٿل هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي پنهنجن جي سورن جا ستايل هوندا آهن، هڪڙا اهي مسڪين جيڪي اميرن جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي امير جيڪي خواهشن جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي موت جي اڳيان بيوس هوندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي جيئڻ لاءِ بيوس هوندا آهن پر جيءَ نه سگهندا آهن، هڪڙا اهي جيڪي پنهنجي جسم ۾ موجود ڪنهن ڪمزوري يا معذوري جي اڳيان انتهائي لاچار، بيوس هوندا آهن. اهي معذوري جي ڪري هلڻ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار هوندا آهن، پنهنجي انهي معذوري جي سبب اهي ٻين جي اڳيان محتاج هوندا آهن، اهي معذور مسڪين ايترا ته بيوس هوندا آهن جو اهي ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهن، اهي انتهائي بيوسي، لاچاري، واري حالت ۾ صرف پنهنجي بک کي ختم ڪرڻ لاءِ روڊن، رستن تي ريڙهيون پائيندا وتندا آهن، سخت گرمي هجي يا سردي ڏينهن رات دانهون ڪندا وتندا، حسرتن ڀريل نگاهن سان ڏسندا رهندا آهن، هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجي محرومي، بيوسي، لاچاري جو احساس ڏياريندا آهن، ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي بيوس ڏٺو آهي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ اٿو ۽ وڃي روڊن رستن تي انهن بيوس ماڻهن کي ڏسو، ڏسو، انهن جي بيوسي، ڏسو انهن جي لاچاري، ڏسو انهن جي مجبوري، ڏسو انهن جي معصوم اکين ۾، جنهن ۾ سوين سوال هوندا آهن، جن جا ڪي جواب نه هوندا آهن، انهن معصوم اکين ۾ ڪي ئي خواب سجايل هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن به پورا نه ٿيندا آهن، اهي اکيون جيڪي بيوسي جي عالم ۾ هر وقت گم هونديون آهن، جن جون ننڊون ڦٽل هونديون آهن، جيڪي پنهنجي بيوسي تي ڏينهن رات روئڻ جي سبب ڪري سڄيل هونديون آهن، جن جون پنبڻيون آليون هونديون آهن، ڇا توهان ڪڏهن اهڙين اکين کي ڏٺو آهي؟ آخر انهن ۾ ايتري بيوسي ڇو ٿيندي آهي، ڇو انسان ايترو مجبور ٿيندو آهي؟ آخر اها ڪهڙي مجبوري هوندي آهي، جو انسان غلط ڪمن ڏانهن ويندا آهن، گناهن جي رستن تي هلندا آهن، جيڪي ڏوهن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندا آهن، آخر ڪهڙي بيوسي ڇانيل هوندي آهي. ”هڪ بيوسي اها هوندي آهي، جڏهن ڪنهن انسان جي هڪ معمولي اڻپوري خواهش ڪنهن به قيمت تي، ڪنهن به صورت ۾ پوري نه ٿئي. انهي خواهش لاءِ چرين وانگر هر ڪنهن جي اڳيان التجا ڪندو رهي ٿو.“ پر هر ڪنهن کان انڪار ئي انڪار ٻڌڻ ۾ اچن، جنهن جا دروازا بند هجن، ٻي اها بيوسي جيڪي انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي، جيڪا هر انسان جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا اڄڪلهه جي هن مهانگائي واري دور ۾ هر ڪنهن لاءِ مسئلو بڻيل آهي، جيڪا اميرن، غريبن لاءِ هڪجهڙي هوندي آهي، پر غريبن لاءِ انتهائي عذاب ڏيندڙ، کائيندڙ هوندي آهي، جيڪا انهن غريبن جي اندر کي ائين کائيندي آهي، جيئن اڏوهي ڪنهن ڪاٺ کي کائيندي ڀورا ڀور ڪندي آهي، اها ٻي ڪا به نه بلڪه اها ”بک“ آهي، جيڪا انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي، اهو غريب، مسڪين ٻار جيڪو هڪ غريب گهر ۾ جنم وٺي ٿو. ان غريب معصوم ٻار جو غريب گهر ۾ پيدا ٿيڻ ئي وڏي بيوسي هوندي آهي، هڪ وڏي خطا، هڪ وڏو گناهه هوندو آهي، اهو معصوم مسڪين ٻار جنهن جو ”ڪارڙو رنگ، ميرو جسم، بدن تي ڦٽل چتيون لڳل ڪپڙا، وکريل وار، بغير چپل جي پير، خالي پيٽ“ هجي. جيڪو ڪيترين ئي ڏينهن کان بکيو هجي، جنهن کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هجي، اهو معصوم ويٺو انتظار ڪري ته ڄاڻ بابا ماني وٺي ايندو، ان جي اکين ۾ انتظاري جو عالم هوندو آهي پر افسوس! جڏهن اهو بيوس ٿي خالي هٿين موٽي ايندو آهي ته پوءِ ان معصوم جي اکين ۾ اداسي جي لهر ڇانئجي ويندي آهي، آخرڪار اهو پاڻ مجبور ٿي ڪري روڊن، رستن، گهٽين، گلين ۾ هر ڪنهن جي اڳيان پنهنجا معصوم نازڪ، ڪمزور، ننڍڙا هٿڙا ٻين جي اڳيان ڦهلائي خرات وٺندا آهن، در در تي وڃي ماني جي ٽڪر جي صدا هڻندا آهن، ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگيندا آهن. سڄو ڏينهن پنهنجو اداس، مرجهايل چهرو کڻي رستن تي پيو ڦرندو آهي، جنهن جو گلو خشڪ ٿي ويندو آهي، جنهن مان آواز به نه نڪري سگهندو آهي، پر پوءِ به بک جي شدت ان جي اندر کي کائيندي رهندي آهي، جيڪا ان کي سڪون سان رهڻ نه ڏيندي آهي ۽ هو پوءِ به زور زور سان رڙيون ڪري هڪ هڪ جي اڳيان پنهنجي بيوسي جو داستان ٻڌائيندو آهي، دانهون ڪندو آهي، صدا هڻندو آهي ته ”آهي ڪو جيڪو مون مسڪين غريب کي ماني ٽڪر ڏئي ته جيئن مان پنهنجي بک کي ماريان، پر جڏهن ان کي ڪٿان به ڪجهه نه ملندو آهي صرف ماڻهن جي بي رخي، ڌڪا ٿاٻا، نفرت ملندي آهي، ماڻهن جون ڇڙٻون ملنديون آهن، جيڪو مسڪين ٻار گرم رستن تي، تتل اس ۾ پنهنجا پير ساڙيندو وتي پر ان کي هڪ سڪو ٽڪر به نه ملي ۽ ان جي بک اڃ جي شدت وڌندي ويندي آهي ته ان وقت هو ايترو ته بيوس هوندو آهي جو، ”نه بک کي ماري سگهندو آهي ۽ نه پاڻ کي.“ جڏهن هو هر طرف کان مايوس ٿي ويندو آهي، بلڪل لاچار، بيوس ٿي ويندو آهي، تڏهن ان جون اکيون بلڪل ان ڌرتي جيان ٿي وينديون آهن، جيڪا ڌرتي پاڻي جي بغير ڏرا ڏئي ويندي آهي، جيڪا پاڻي لاءِ پياسي هوندي آهي، ائين اهي اکيون خشڪ سمنڊ جيان ڏار ڏئي وينديون آهن، ان معصوم جا ماءُ پيءُ ان کي پالي نه سگهندا آهن، ان جي بک کي ختم نه ڪري سگهندا آهن، اهي پنهنجي اولاد کي ان بيوس حال ۾ نه ڏسي سگهندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪنهن جي در جي ٻاهران پيل بچيل پاروٿو کاڌو کائيندا آهن ته ڪڏهن ڪنهن گند ڪچري جي ڍير ۾ ماني ڳوليندا وتندا آهن، جيڪي انتهائي ذلت جي زندگي گذاريندا آهن، جنهن جو هر ڏينهن بدتر گذرندو آهي، اهي ماءُ پيءُ ايترا ته بيوس ٿي ويندا آهن جو پنهنجن ئي دل جي ٽڪڙن، پنهنجي ئي جگر کي وڪڻڻ تي مجبور ٿيندا آهن، روز روز جي ذلت ڀري زندگي کان بيزار ٿي ڪري اهي پنهنجن ئي هٿن سن پنهنجي معصوم گلن جهڙي لختي جگر کي زهر جو جام پياري هميشه لاءِ هن بي رحم دنيا جي بدحالي، غربت، ذلت ڀري زندگي مان هميشه لاءِ جان ڇڏائي ڇڏيندا آهن، ان وقت انهن ماءُ پيءُ تي ڇا گذرندو هوندو؟ جيڪي پنهنجي ئي خون کي لهو لهان ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جي ذهن تي ايتري ته بيوسي طاري ٿي ويندي آهي جو سوچ سمجهه ختم ٿي ويندي آهي، ان ڏک، غم، مجبوري، بيوسي جي عالم کي، ان ڪيفيت جو اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي.
13
Sep
09







0 Responses to “مسرت ڪلهوڙو”