”جڏهن زندگي جي پڄاڻي ٿي ويندي،
ختم پوءِ ڏکن جي ڪهاڻي ٿي ويندي“
اهي ان ڇوڪريءِ جون سٽون آهن جيڪا سنڌ جي انيڪ ڇوڪرين وانگر مجبوري جي اهڙي دنيا مان گذري رهي آهي جن جي ٽهڪن سڏڪن وانگر سندن ڪڇڻ لکڻ تي به پابندي آهي ٿي سگهي ٿو هن اڃان به نورالهدا شاه جي آزاد نظمن جي ڪتاب ”قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ“ جو نالو به نه ٻڌو هجي پر پوءِ به هوءَ چنڊ سان ڳالهيون ڪري ٿي ۽ چنڊ کي چئي ٿي
”هڪ چنڊ اسان جي گهر تي،ٻيو ساجن تنهنجي شهر تي
هي چنڊ ته ساڳيو آهي،پوءِ ڇو تو ساجن وساريو آهي،
هن جي ڪچن ڦڪن سٽن جي اندر ڪهڙا سور سمايل آهن سندس من ڪهڙن روڳن سان رتو رت ٿيل آهي سندس شاعري مان اهي سور جهاتيون پائن ٿا،
جڏهن زندگي جي پڄاڻي ٿي ويندي،
ختم پوءِ ڏکن جي ڪهاڻي ٿي ويندي،
ننڍي هوندي انگل آرا ڪندي هئي،
وڏي ٿي ته سياڻي ٿي ويندي،
اگر سنڌ جي ڪنهن ناري بغاوت ڪئي ته
مون وانگر اها به قيدياڻي ٿي ويندي،
هيئنر هوءَ ڪنهن لاءِ لکي ٿي پيئي،
ڪڏهن پاڻ ڪائي ڪهاڻي ٿي ويندي.
کيس شايد اها ڄاڻ ناهي ته سندس وانگر ڪيتريون ٻيون به قيدياڻيون آهن جيڪي سندس آس پاس رهندي ئي کائنس اڻڄاڻ آهن ۽ هوءَ انهن کان اڻڄاڻ بڻيل آهي.هوءَ سنڌ جي ڪيترين ئي گمنام نارين منجهان شايد هڪ آهي جيڪا پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿي،سوچي ٿي راتين جون راتيون جاڳي چنڊ سان ڳالهائي ٿي ۽ پوءِ پنهنجي اندر جي اڻ تڻ کي لفظن جو روپ ڏي ٿي ۽ چوي ٿي:
چپ چپن تي دل ۾ ماتام،
سواءِ تو ساونولڙا اچي نه ٿو آرام،
جاڳي جاڳي چنڊ کي اڄ به چيام
سلام ساجن، تنهنجي نانءَ جا.
سندس سٽون جيڪي سندس حياتي وانگر شايد ڪنهن ڪنڊ ۾ رهجي وڃن ها پر هوءَ پنهنجي سرتين سان سور اوري ته اهي شاعرانه سٽون دنيا جي اڳيان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اچي وڃن ٿيون، هن جي حياتي جون خوشيون ڪونجن وانگر قطارون ڪري ڪنهن ڪوه ڏانهن اڏامي ويون آهن ائين گن گنائي ٿي ڄڻ ڪنهن ڪنهن وڳر کان وڇڙيل ڪونج ئي آهي،کيس ڪيترو نه ارمان ٿيندو آهي جڏهن ته سندس جي لاءِ گهر ۾ ڪتاب آڻڻ به ڏوه بڻيل هوندو آهي،اڪثر وقت ڊريسنگ ٽيبل تي ويهي پنهنجي معصوم اکين ۾ ڏسي پنهنجا لڙڪ پاڻ اگهي ڇڏڻ جي عادت سنڀالي هلندڙ ڇوڪريءَ کي گهروارا ته سڏيندا ئي چري ڇوڪريءَ جي نالي سان آهن پر سندس سرتيون به ته کيس “چري”چونديون آهن ۽ هوءَ ڪابه ترديد نه ڪندي آهي “آهيان ته آهيان چري پوءِ ڇا آهي”سندس جواب ۾ اهو ئي جملو هوندو آهي، ساڻس ٿيندڙ ورتاءَ کيس جڏهن سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي ته هوءَ ٻيهر گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي قلم پنهنجي چپن تي ڦيرائي گنگنائڻ لڳندي آهي ۽ پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳندي آهي ته :
هي وڇوڙي جا طوفان وري وري ڇو؟
منهنجي من جا امتحان وري وري ڇو؟
پيار ڪيوسين پر بدنصيبي ٿي،
جلن ٿا پنهنجا ارمان وري وري وري ڇو؟ سندس شاعري مان ائين لڳي ٿو ته هوءَ پنهنجي ساجن سان فون تي ڳالهائيندي رهي ٿي يا سندس اهڙي خواهش آهي جنهن خواهش کي هوءَ پنهنجي شاعري جي روپ آڻي پنهنجي اندر جي اڌمن جو اظهار ٿي ۽ چوي ٿي ته:
مون ٻڌو آواز ٽيليفون تي،
ڄڻ ته وڳو ساز، ٽيليفون تي،
مون چيو هاڻي ڪٽيان ٿي رابطو،
ٿي ويو ناراض، ٽيليفون تي،
ياد ٿي پنهنجي محبت مٺا،
ٿيو هيو آغاز، ٽيليفون تي،
مونکي ڏاڍو ٿو وڻين تنهنجو قسم،
ڳالهه جو انداز، ٽيليفون تي،
دل ٿي چئي هر هر ٻڌان مان ڪن ڏيئي،
تنهنجو هرالفاظ، ٽيليفون تي،
سندس پروفائيل به سندس شاعري ۾ استعمال ٿيل ننڍڙن جملن وانگر مختصر آهي،هوءَ پنهنجي ڊائري جي هڪ ورق ۾ لکي ٿي
”مان سمجهان ٿي هر ڇوڪريءَ پيار ڪيو هوندو مان به ڪيم هرڇوڪري شادي ڪندي آ مونکي به پرڻايو ويو پر هرڇوڪريءَ وانگر مونکي به منهنجو پهريون پيار نه صرف وسري نه ٿو سگهي پر مان ان کي وڃائي ڀلائي به نه ٿي سگهان ۽ اها آس رکان ٿي هو جيڪو الاءِ جي ڪٿي هوندو پر ڪڏهن ڪڏهن منهنجون سٽون هن کي ڪٿي بيهاري سوچڻ تي مجبور ڪنديون ته کيس اهي جملا ٻڌل ٻڌل لڳن ٿا تڏهن منهنجي شاعري منهنجي لاءِ منزل ڏانهن ويندڙ ڀٽيڪل مسافر جي لاءِ ڄڻ ته گائيڊ ثابت ٿيندي“. هي اها شاعره آهي جيڪا پنهنجي شاعري نه ڇپرائي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري پنهنجو نالو ظاهر ڪري سگهي ٿي.