Archive for the 'Uncategorized' Category

12
Jun
08

ميان افتخار احمد

سڪ تنهنجي ستائڻ لڳي آ

تات ننڊون ڦٽائڻ لڳي  آ

تو کان هيڏي سڄڻ دوري

من ۾ محبت وڌائڻ لڳي آ

12
Jun
08

ميان افتخار احمد

استاد بخاري جي شعر جهڙي ڇوڪري

شام جي سانوري پهر جهڙي ڇوڪري

سهڻين ۾ سهڻي آ  ، گلابن ۾ گلاب آ

صاف شفاف پئرس شهر جهڙي ڇوڪري

12
Jun
08

ميان افتخار احمد

زمانو ٿيو آ  سڄڻ ٿو اچي اڄ

ڪري قرب جاني ملڻ    ٿو اچي اڄ

ڪبا سڀ بيان دلربا سان وري ڪي

ستم سور مون سان سلڻ ٿو اچي اڄ

نچان ڇونه يارو لڇان ڇونه يارو

صنم حال هيڻا پڇڻ ٿو اچي اڄ

نٿو يار ماپي ”ميان“ جي خوشين ۾

غزل گيت منهنجا ٻڌڻ ٿو  اچي اڄ

12
Jun
08

ميان افتخار احمد

چپن تي سرخي اکين ۾ ڪجل اٿس

ٻانهن ۾ چوڙيون پيرن ۾ پايل اٿس

لڳي ٿو ملڪ مصر جي ڪا راڻي آئي آ

اهڙو ته ويس گلابي پاتل اٿس




Follow

Get every new post delivered to your Inbox.